جِهرڪِي1 (مڇي)

جِهرڪِي1 (مڇي): جهرڪي، کاري جي مڇيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪا ڊيگهه ۾ هڪ انچ ٿيندي آهي. هن جو رنگ ميرو ٿيندو آهي. هن مڇيءَ کي پر به ٿين ٿا، جن سان هيءَ پاڻيءَ اندر اڏامندي آهي. تور ۾ پنج تولا کن ٿيندي. هيءَ ننڍڙي مڇي کائڻ لاءِ استعمال نه ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو